جامعي محمد سرور پروفيسر

جامعي محمد سرور پروفيسر

جامعي محمد سرور پروفيسر

جامعي محمد سرور پروفيسر: نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جو جنم، 1906ع ڌاري گجرات جي هڪ ڳوٺ سيڪر مالي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پرائي. ان کان پوءِ هن ’آزاد مسلم هاءِ اسڪول‘ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ جامع مليه اسلاميه دهليءَ مان بي. اي آنرس (عربي ادب) ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ’جامعه ازهر‘ مصر هليو ويو، جتي ٽن سالن تائين تعليم حاصل ڪندو رهيو. جتان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ملڪ موٽي آيو ۽ ’اخبار زميندار‘ ۾ ايڊيٽوريل لکڻ لڳو. جامعه مليه ۾ ’تاريخي عربي ادب‘ ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي هدايت تي 1938ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ مڪي معظمه هليو ويو، جتي مولانا کان شاهه ولي الله جي فلسفي ۽ فڪر تي درس وٺندو رهيو. مڪه معظمه مان جڏهن وطن واپس آيو ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ جامعه ۾ ’بيت الحڪمت‘ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو سربراهه سرور جامعي کي ڪيو ويو. ان اداري جو مقصد شاهه ولي الله جي نُڪتن ۽ نظريي کي هندستان ۾ عام ڪرڻ هو. جامعي صاحب 1942ع ۾ لاهور هليو آيو، جتي ’روزنامي احسان‘ جو ايڊيٽر ٿيو. 1943ع ۾ حضرت شاهه ولي الله ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فلسفي کي شايع ڪرڻ سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌيءَ تعليمات ۽ شخصيت تي هڪ جامع ڪتاب لکيائين. جامعي صاحب نومبر 1943ع ۾ واپس دهلي هليو ويو، جتي ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ 11 آگسٽ 1947ع ۾واپس لاهور آيو. 1948ع ۾ ’روزنامه امروز‘ جاري ٿي ته ان اخبار جي اهم ماڻهن ۾ فيض احمد فيض، مولانا چراغ حسن حسرت سان گڏ پروفيسر سرور به ايڊيٽر طور شامل ٿيو. جلد ئي هن پنهنجي هفتيوار اخبار ’آفاق‘ جاري ڪئي، جيڪا بعد ۾روزاني اخبار ٿي وئي، ان کانپوءِ هيءُ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان ڪجهه عرصي کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي وري لاهور آيو، جتي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر منتخب ٿيو، سرڪاري نوڪريءَ سان دلچسپي نه هئڻ ڪري هن اها نوڪري به ڇڏي ڏني. 1959ع ۾ پشاور هليو آيو، جتي روزنامه ’بانگ حرم‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ان دوران اوقاف کاتي پاڪستان طرفان حيدرآباد ۾ ’شاهه ولي الله اڪيڊمي‘ قائم ٿي، هن اڪيڊميءَ جي مقصدن ۾ حضرت الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي جي فڪري نقطن ۽ نظريي جي اپٽارشامل هئي. ان ڪري کيس اڪيڊميءَ جي رسالي ’الرحيم‘ (اردو) جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، اڪيڊميءَ ۾ ڪافي عرصي تائين ايڊيٽر جي حيثيت سان تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر فضل الرحمان کيس ’فڪر و نظر‘ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، جتي هن ٻن سالن تائين ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ان کان پوءِ اداره ثقافت اسلاميه لاهور جي علمي رسالي ’المعارف‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان ٽي سال اداري سان لاڳاپيل رهيو. ان اداري ۾ هن ’ارمغان شاهه ولي الله‘ جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو، هيءُ ڪتاب قرآني علم جي شاگردن جي لاءِ هڪ تمام گهڻو لاڀائتو آهي. حڪومت پاڪستان جي رسالي ’الزڪوات‘ جو ايڊيٽر به رهيو، کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ سان نوازيو ويو. هن 20 سيپٽمبر 1983ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

جامعي محمد سرور پروفيسر: نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جو جنم ، 1906ع ڌاري گجرات جي هڪ ڳوٺ سيڪر مالي ۾ ٿيو .


1983.09.20  عيسوي

جامعي محمد سرور پروفيسر کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان طرفان ’ تمغه امتياز ‘ سان نوازيو ويو . هن 20 سيپٽمبر 1983ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوپنهار آرٿر
حاجي محمد سمون
آخوند نور محمد ڀٽي
در محمد اوستو
حڪيم حسين سيوهاڻي
شهاب الدين شيخ برهانپوري
جھانگير خان ڪرڪيٽر
جون آف آرڪ
حفيظ قريشي2
ڄام ڪرارالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون